'سلطان بخاري' جون تصويرون
 سلطان بخاري جون وڌيڪ تصويرون ڏسو

سلطان بخاري

سلطان بخاري: شاعر ۽ ڪهاڻيڪار سلطان بخاريءَ، 12 سيپٽمبر 1965ع تي ڳوٺ لونگاڻي شريف تعلقي ڳڙهي ياسين ضلعي شڪارپور ۾ سيد قطب علي شاهه بخاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. هن ايم. اي (اسلامي ڪلچر) تائين تعليم حاصل ڪري تعليم کاتي ۾ استاد جي حيثيت سان ملازمت اختيار ڪئي. لکڻ جو آغاز 1987ع کان ڪيائين. ان دور کان ئي عل.....


ٻيلو سلطان ڪوٽ

ٻيلو سلطان ڪوٽ: تعلقي ۽ ضلعي شڪارپور ۾ هڪ ديهه جو نالو، جنهن ۾ ٻه ڳوٺ ’مير دوست جعفري‘ ۽ ’عطر جعفري‘ آباد آهن ......


اسماعيل شاهه بخاري

اسماعيل شاهه بخاري: ڏهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ ۾ ڪيترائي بزرگ، ڏاها ۽ عالم ٿي گذريا آهن. انهن ۾ اسماعيل شاهه بخاري به هڪ هو. هيءُ بزرگ سنڌ جي معروف بزرگ ۽ عالم مخدوم نوح سرور جي خليفن مان هو، ڪڪرالي ۾ پيدا ٿيو، ڪامل شخصيت جو مالڪ هو. ڪيتريون ئي روايتون ساڻس منسلڪ آهن. بزرگيءَ ۽ شخصي حوالي سان يارهين صدي.....


اسماعيل شاهه بخاري جي درگاهه

اسماعيل شاهه بخاريءَ جي درگاهه: هي مقبرو تورڪي قبرستان (نصرپور لڳ) واقع آهي ۽ ارغون ترخان دور سان تعلق رکي ٿو. ميين ونھين جي مقبري کان اولهه ۾ ھڪ سفيد قبو، اسماعيل شاهه بخاريءَ جي مزار آھي. ڪوبه ڪتبو وغيره لڳل ڪونه آھي. مزار جي دروازي تي نھايت نفيس ڪم ٿيل آھي. پاڻ مٽيارين جو ويٺل ھو. ميين ونھين جو.....


الهه بخش شاهه بخاري

الهه بخش شاهه بخاري: سيد الهه بخش شاهه بخاريءَ 1 نومبر 1931ع تي، ڳوٺ تُنيا بقا شاهه، تعلقي ڪنڊياري ۾، صوفي بزرگ حاجي ٻُڍل شاهه ”حُسينيءَ“ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ، مئٽرڪ ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ هاءِ اسڪول نوابشاهه (موجوده ايڇ. ايم خواجه هاءِ اسڪول) مان ڪيائين. بي. ا.....


ابوالقاسم سلطان ٺٽوي

ابوالقاسم سلطان ٺٽوي: مشهور فاتح ۽ سپهه سلار مير ابوالقاسم خان زمان جي گهر ۾ 960هه (1552ع) ۾ پيدا ٿيو. هو پنهنجي والد وانگي بهادر، خود سر ۽ سخي مرد هو. پاڻ سٺو شاعر به هو، سندس تخلص ”بيگلار“ هو. ترخان گهراڻي جو جڏهن خاتمو ٿيڻ لڳو ۽ مرزا جاني بيگ اڪبري درٻار ۾ وفات ڪري ويو. تڏهن ابوالقاسم سلطان، مرز.....


ابوالقاسم سلطان مير جي مزار

ابوالقاسم سلطان مير جي مزار: ارغون ترخان دور جي هيءَ مزار/ اڏاوت تورڪي قبرستان ۾ واقع آهي. مير ابوالقاسم جي مزار سندس والد امير شاهه قاسم خان زمان جي پھلوءَ ۾ آھي ۽ پيلي پٿر جي پڪ سرائين ٿلھي تي ٻڌل آھي. پيرانديءَ کان لکيل تعويذ تي وفات جو سن لکيل آھي. ”مير ابوالقاسم ولد مير شاهه قاسم خان بيگلار .....


امير بخاري

امير بخاري: امير بخاري سنڌي ٻوليءَ جو ناميارو شاعر، ليکڪ، صحافي ۽ مضمون نگار آهي. سندس پورو نالو امير علي شاهه ولد جعفر علي شاهه آهي. هو پهرين ڊسمبر، 1941ع تي گهوٽڪي تعلقي جي ڳوٺ ٻيرڙي بخارا لڳ ماٿيلي، مومل جي ماڙيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن سنڌي فائنل سان گڏ مئٽرڪ، اديب فاضل سنڌي، اديب فاضل اردو ۽ انٽر ڊرائ.....


امير سلطان محمد جو مقبرو

امير سلطان محمد جو مقبرو: امير سلطان محمد جي مقبري جي اڏاوت ١٥٥٦ع ڌاري ٿي آهي. امير سلطان محمد جو مقبرو، سلطان ابراھيم جي مقبري لڳ ۽ عبدلله شاهه اصحابي جي ڏکڻ ۾ مڪليءَ واري شاهي قبرستان ۾ آهي. مھاڙيءَ ۾ پٿرائون دروازو اٿس، جنھن تي پھچڻ لاءِ ٽي ڏاڪا تعمير ٿيل آھن. دروازي سان ٻنھي پاسي ڄاريدار دريون آ.....


احمد سلطان چانڊيو

احمد سلطان چانڊيو: چانڊيا قبيلي جو سردار، 17 مئي 1937ع تي، ’غيبي ديري‘ ۾ ڄائو. نواب غيبي خان جو پوٽو هو، جنهن احمد سلطان جي تعليم ۽ تربيت لاءِ علامه علي خان ابڙي کي اتاليق مقرر ڪيو. نواب غيبي خان پنهنجي پڳ پٽ کي ڏيڻ بدران سڌي طرح پوٽي ڏانهن منتقل ڪئي. پهريون دفعو 1953ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊ.....


احمد شاهه بخاري بکري

احمد شاهه بخاري بکري: سيد احمد شاهه بخاري، تصوف ۽ ٻين ڪيترن ئي علمن جو ڄاڻو هو. بکر ۾ جلال الدين حسين ڪبير بن علي بخاريءَ جي گهر ۾ اندازي موجب اٺين هجريءَ ۾ ڄائو هو. ابتدائي علم پيءُ کان حاصل ڪيائين. ۽ شهرت به ڏاڍي مليس. سندس والده بيبي فاطمه بنت سيد بدرالدين بن صدرالدين بکري سنڌي هُئي. احمد شاهه ب.....


 پوئتي   1  2  3   4   5   6   اڳتي